تازه ترين

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو فلسطيني صدر محمود عباس سان ٽيليفونڪ رابطو

- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ فلسطيني صدر محمود عباس سان ٽيليفون تي رابط ڪري غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي بمباري سبب پيدا ٿيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٽيليفونڪ رابطي ۾ نگران وزير اعظم انوار  الحق ڪاڪڙ صدر محمود عباس سان فلسطين جي موجوده صورتحال ري ڳالهيون ڪيون ۽ انساني امداد جي فراهمي جي لاءِ غزه هي ناڪابندي هٽائڻ تي زور ڏنو. نگران وزير اعظم انوار  الحق ڪاڪڙ  اسرائيلي فوج جي غزه جي اسپتال تي بمباري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومون خونريزي روڪڻ  لاءِ اسرائيل تي زور ڀري. سندس چوڻ هو ته ٻه رياستي حل تي ٻڌل فلسطيني تڪرار جو منصفاڻو حل ڪڍيو وڃي. ٻئي پاسي فلسطني صدر محمود عباس فلسطيني عوام جي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
27.5 ° C
27.5 °
27.5 °
12 %
2.9kmh
93 %
اڱارو
26 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون