- Advertisement -
سپريم ڪورٽ عام چونڊن بابت ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا آهن ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ممڪن ناهي، اُها ڳالهه ٻڌايو جيڪا ممڪن هجي.
سپريم ڪورٽ ۾ 90 ڏينهن اندر عام چونڊون ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي.
درخواست ڏيندڙ سپريم ڪورٽ بار جي صدر عابد زبيريءَ کان چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا تحريڪ انصاف ۽ سپريم ڪورٽ بار جي درخواست هڪجهڙي آهي؟.
پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر ها بلڪل ٻنهي درخواستن ۾ هڪجهڙو ئي موقف آهي.
چيف جسٽس عابد زبيري کان پڇاڻوڪيو ته اوهان درخواست ڪڏهن داخل ڪرائي؟ عابد زبيري ٻڌايو ته 16 آگسٽ تي درخواست داخل ڪرائي، جنهن 90 ڏينهن ۾ چونڊن جو مطالبو آهي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اِهو اهم معاملو آهي، پر ان ئي ڏينهن درخواست تي نمبر ڪيئن لڳو، ڇا اوهان جلد ٻڌڻي جي درخواست داخل ڪرائي هئي؟ عابد زبيري چيو ته ها هن جلد ٻڌڻي جي درخواست داخل ڪرائي.
چيف جسٽس چيو ته کيس هاڻي نوٽ مليو آهي ته اوهان ڪا به تڪڙ ۾ ٻڌڻي جي درخواست ناهي ڏني.
عابد زبيري چيو ته شايد مون کان غلطي ٿي وئي آهي، چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ بار جي صدر کي غلط بيان نه ڪرڻ گهرجي.
چيف جسٽس سوال ڪيو ته آدمشماري شروع ۽ ختم ڪڏهن ٿي؟ عابد زبيري جواب ڏنو کيس خبر ناهي، چيف جسٽس چيو ته اوهان آرٽيڪل 19 تحت هڪ خط لکي پڇي وٺو هائ
جسٽس اطهر من الله چيو ته اهو ٻڌايو ته آدمشماري ڪرڻ جي ضرورت ڪڏهن هوندي آهي؟ ڇا ان جو سڌيءَ ريت تعلق اليڪشن سان آهي؟
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جيڪڏهن آئين ۾ ڪجهه لکيل آهي ته اهو آخري هوندو، ان کان اڳ آدمشماري ڪڏهن ٿي هئي؟
وڪيل عابد زبيري چيو ته ان کان ڳا عبوري آدمشماري 2017ع ۾ ٿي هئي.
چيف جسٽس چيو ته عبوري آدمشماريءَ بعد هاڻي قطعي آدمشماري ٿي آهي؟ حقيقتون ٻڌائڻ عدالت نه پر وڪيل جو ڪم آهي.
جسٽس اطهر من الله چيو ته ڇا آئين ڪجهه اهڙو لکيل آهي ته هر چونڊن کان اڳ آدمشماري ٿئي؟ وڪيل چيو ته آئين ۾ اهڙي ڪا به شق ناهي ته هر چونڊن کان اڳ آدمشماري ٿئي.
چيف جسٽس چيو ته آئين چوي ٿو ته نئين آدمشماري ٿيڻ گهرجي، ٻڌايو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاسڪيئن غير قانوني هو
عابد زبيري چيو ته نگران وڏا وزير اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت نٿا ڪري سگهن.
جسٽس امين الدين خان چيو ته اهو ڇو نه پيا ٻڌايو ته آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته چونڊون 90 ڏينهن کانپوءِ ٿينديون؟
جسٽس چيو ته نگران سيٽ اپ جي اجازت ته آئين ڏئي ٿو.
عابد زبيري چيو ته پنجاب۽ ڪي پي جي نگران وڏا وزير 90 ڏينهن بعد غير آئيني ٿي ويا آهن.
چيف جسٽس چيو ته سوال ڇا آهي؟ اوهان 2017ع واري آدمشماري جي بنياد تي چونڊون چاهيو ٿا؟ ها يا نه؟ عابد زبيري جواب ڏنو ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿيڻ گهرجن.
جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ٿيون ته آئيني شق جي ڀڃڪڙي ته ٿي وئي، ڇا سپريم ڪورٽ بار اڃا به پنهنجي درخواست تي ڪارروائي چاهي ٿي؟ ڇا اوهان کي هر صورت چونڊون گهرجن؟ نئين آدمشماري ۾ تحت ته چونڊون وڌيڪ دير جو شڪار ٿي سگهن ٿيون.
سپريم ڪورٽ بار جي صدر چيو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ آئيني مينڊيٽ آهي.
چيف جسٽس چيو ته دنيا جا سمورا مسئلا هن درخواست نه آڻيو، رڳو چونڊن جي ڳالهه آهي ته هو هاڻي نوٽيس ڪن ٿا، هڪ سوال اهو اهي ته چونڊون ڪير ڪري سگهي ٿو، صدر تاريخ نه ڏيندو ته ڪير ڏيندو؟
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ممڪن ناهي، اُها ڳالهه ٻڌايو جيڪا ممڪن هجي.
سپريم ڪورٽ عام چونڊن بابت ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا- Advertisement -
