تازه ترين

ناڻي وارو اڳوڻو وفاقي وزير اسحاق ڊار آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ بري ٿي ويو

- Advertisement -
ن ليگ سينيٽر ۽ ناڻي وارو اڳوڻو وفاقي وزير اسحاق ڊار آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ بري ٿي ويو آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ اسحاق ڊار خلاف آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اسحاق ڊار خلاف ڪرپشن جا ثبوت ناهن، ڪيس وڌيڪ نه ٿو هلائي سگهجي. جج محمد بشير رمارڪس ڏنا ته نيب پراسيڪيوٽر ان نقطي تي لکت ۾ وضاحت ڏي، اسحاق ڊار سميت ٻين جوابدرن جي بريت تي اعتراض ناهي ته لکت ۾ ڏيو. نيب پراسيڪيوٽر افضل قريشي چيو ته هنن ميرٽ تي دليل ڏنا آهن، عدالت فيصلو ٻڌائي، نيب پراسيڪيوٽر لکت ۾ بيان عدالت ۾ جمع ڪرايو. احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اسحاق ڊار، سندس شريڪ جوابدارن نيشنل بئنڪ جي اڳوڻي صدر سعيد احمد، منصور رضا ۽ محمد نعيم کي بري ڪري ڇڏيو. احتساب عدالت فيصلو ٻڌائيندي چيو ته نيب جي بيان جي روشنيءَ ۾ هي ريفرنس ختم ڪيو پيو وڃي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.5 ° C
28.5 °
28.5 °
16 %
3kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون