تازه ترين

ورلڊڪپ جي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا دلچسپ مقابلي بعد پاڪستان کي هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
ورلڊڪپ جي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا دلچسپ مقابلي بعد پاڪستان کي هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. چنئي ۾  کيڏيل ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوري ٽيم 47هين اوور ۾ 270 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان طرفان بابر اعظم ۽  سعود شڪيل ففٽيون هنيون، جڏهن ته شاداب خان 43، رضوان 31، محمد نواز 24،  ۽ افتخار احمد 21 رنسون ٺاهيون. پروٽيز طرفان تبريز شمسي 4، مارڪو جانِسِن 3، ڪوٽزيَ 2 ۽ نِگيڊي هڪ هڪ حاصل ڪئي. پاڪستان طرفان مليل 271 رنسن جو حدف ڏکڻ آفريڪن ٽيم دلچسپ مقابلي بعد 47 ڏهائي 2 اوورن ۾ نون  وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو. ڏکڻ آفريڪا طرفان ايڊن مارڪم 91 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ٻين رانديگرن ۾ ڊيوڊ ملر 29، بواما 28. ڊي ڪاڪ، 24 ڊسين 21، جانسن 20 ۽ ڪوٽزيََ 10 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي 3، حارث رئوف، محمد وسيم ۽ اساما مير 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. تبريز شمسي کي چار وڪيٽون وٺڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ڏکڻ آفريڪا کان شڪست بعد پاڪستان ورلڊڪپ جي ڇهن مان چار ميچون هارايون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
29.2 ° C
29.2 °
29.2 °
16 %
4.9kmh
82 %
جمعو
27 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °
سُومر
36 °
اڱارو
35 °

تازه ترين خبرون