تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي ويجهي دوست فرح گوگي کي ڳجهو پاسپورٽ ٺهرائي ڏيڻ جو انڪشاف

- Advertisement -
اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي ويجهي دوست فرح گوگي کي ڳجهو پاسپورٽ ٺهرائي ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي ويجهي دوست فرح گوگي جو ڳجهو پرڏيهي پاسپورٽ سامهون اچي ويو. غير قانوني طريقي سان لٽيل ناڻي کي لڪائڻ ۽ مني لانڊرنگ لاءِ فرح گوگي کي وينا تائو ملڪ جو ڳجهو پاسپورٽ ٺهرائي ڏنو ويو. تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جو ڪارو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ لڪائڻ لاءِ خريد ڪيل پاسپورٽ تي فرح گوگي پرڏيهي دورا ڪيا. ڊسمبر 2021ع ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ جي امڪاني ڪاميابي کي نظر ۾ رکندي پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي وينا تائو ملڪ جي ناليواري پراپرٽي ٽائڪون جي پٽ کي پنهنجي فرنٽ پرسن فرح گوگي لاءِ ڳجهو انٽرنيشنل پاسپورٽ خريد ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو. پراپرٽي ٽائڪون هڪ ٻئي بزنس مين کي ڳجهو پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ هڪ لک 30 هزار آمريڪي ڊالر فراهم ڪيا. 28 مارچ 2022ع تي فرح گوگي لاءِ خريد ڪيل وينا تائو جو ڳجهو پاسپورٽ بشريٰ بي بي حوالي ڪيو ويو. 3 اپريل 2022ع تي پي ٽي آءِ چيئرمين جي حڪومت وڃڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ فرح گوگي کي پاڪستاني پاسپورٽ تي ملڪ مان فرار ڪرائي دبني اماڻيو ويو. دبئي کانپوءِ فرح گوگي کي باقي سفر وينا تائو جي پاسپورٽ تي ڪرايو ويو ته جيئن جاچ ادارا چرپر کان آگاهه نه رهن. تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي پاڪستان مان لٽيل رقم منتقل ڪرڻ لاءِ فرح گوگي کي ڳجهن دورن ۽ بينڪ اڪائونٽس کي وينا تائو جي ڳجهي پاسپورٽ سان ممڪن بڻايو. ٻه ڏينهن اڳ سامهون آيل اطلاعن موجب تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي فرنٽ پرسن فرح گوگي ساڍا 14 ارب رپين جي ناجائز اثاثن جي مالڪ آهي. رڳو ٽن سالن جي مختصر عرصي پي ٽي آءِ حڪومت دوران فرح گوگي جي ظاهري ۽ غير ظاهري ملڪيت ۾ 4 هزار 520 ملين رپين جو اضافو ٿيو. پنهنجي حڪومت ختم ٿيڻ بعد سڄي ملڪ کي ڏڦيڙ ۾ وجهي پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي چوري ۽ ڪرپشن تي پردو وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
20.5 ° C
20.5 °
20.5 °
38 %
0.7kmh
51 %
ڇنڇر
21 °
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون