- Advertisement -
ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ رينجرز غيرقانوني هائيڊرينٽس خلاف ڪارروائي ڪري 9 غيرقانوني واٽر ٽينڪرن کي تحويل ۾ وٺي 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته رينجرز منگهو پير ۽ نادرن باءِ پاس وارن علائقن ۾ غيرقانوني هائيڊرينٽس خلاف آپريشن ڪيو.
رينجرز ترجمان موجب، آپريشن دوران 9 غيرقانوني واٽر ٽينڪرن کي تحويل ۾ وٺي 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته رينجرز مجموعي طور تي هن وقت تائين 94 آپريشنز ۾ 187 غيرقانوني هائيڊرينٽس خلاف ڪارروائي ڪندي 24 کي سيل ۽ 163 کي ڊاهي پٽ ڪري 174 جوابدارن کي ڪيو ويو آهي.
رينجرز ترجمان موجب، رينجرز ٻين آپريشنز دوران 24 غيرقانوني بور ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا ۽ آپريشن بعد 200 ملين گيلن کان وڌيڪ روزانو پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي وئي.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته رينجرز طرفان غيرقانوني هائيڊرينٽس جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن جاري رکيو ويندو- Advertisement -
