نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان آرمي چيف جنرل عاصم منير ملاقات

- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان آرمي چيف جنرل عاصم منير ملاقات ڪئي آهي جنهن دوران گهرو ۽ قومي سلامتي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن موجب، اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽيءَ جي اجلاس کان اڳ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان آرمي چيف جنرل عاصم منير ملاقات ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ گهرو ۽ قومي سلامتي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن موجب، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين جي نيڪالي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ۽ آرمي چيف دهشتگردن خلاف انٽيليجنس بنياد تي آپريشن جي ڪاميابين تي به اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهيد ٿيل پاڪ فوج جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
27%
3.4m/s
0%
ڇنڇر
21 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون