پ پ کان وڌيڪ ڪا به پارٽي آئين تي يقين نه ٿي رکي، سموري ڪراچيءَ ۾ برابريءَ جي بنياد تي ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن: ميئر مرتضيٰ وهاب

- Advertisement -
ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پ پ کان وڌيڪ ڪا به پارٽي آئين تي يقين نه ٿي رکي، سموري ڪراچيءَ ۾ برابريءَ جي بنياد تي ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن، انشاءُ الله 2024ع ۾ اقتدار پيپلزپارٽيءَ وٽ ايندو. مرتضيٰ وهاب فيڊرل بي ايريا ۾ ڊپٽي ميئر  سلمان عبدالله سان گڏ علامه اقبال پارڪ جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته هي هنڌ هڪ زماني ۾ چائنا ڪٽنگ جو شڪار هو، 250 ملين رپين جي لاڳت سان سينٽرل ضلعي جي عوام لاءِ  سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پ پ جي حڪومت ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ برابريءَ جي بنياد تي ڪم ڪري رهي آهي، سڀ کان وڌيڪ ترقياتي ڪم سينٽرل ضلعي ۾ ٿي رهيا آهن. مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي پيپلزپارٽي ۽ ٽائون جماعت اسلامي جي آهي، پ پ کان وڌيڪ ڪا به پارٽي آئين تي يقين نه ٿي رکي، انشاءُ الله 2024ع ۾ اقتدار پيپلزپارٽيءَ وٽ ايندو. ڪراچيءَ جي ميئر چيو ته عدالتن ۾ ڇا عام ماڻهوءَ کي انصاف ملي رهيو آهي؟  ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي چونڊيل وزيراعظم کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو، ايندڙ وقت جمهوريت پسند ماڻهن جو پسنديده دور هوندو، عوامي ڀلائي ۽ ترقي سندن منشور آهي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
41%
1.4m/s
0%
اڱارو
27 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
26 °

تازه ترين خبرون