پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪنهن کي ٻيو ۽ چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻائڻ کان بهتر آهي ته کيس موقعو ڏنو وڃي، هو عوام کي مايوس نه ڪندو، سوچڻو پوندو ته ڇا حڪومت ستر ورهين جي ڪـُــراڙَن جي هٿن ۾ ڏني وڃي يا نوجوان قيادت اڳتي اچي؟ عام چونڊن ۾ پ پ ڪاميابي ماڻيندي، وزيراعظم ۽ ڪي پي جو وڏو وزير به پ پ جا هوندا
ايبٽ آباد ۾ ورڪرز ڪنويشن کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ محروم طبقن جي پارٽي آهي، جنهن جو ٽن نسلن کان عوام سان آهي.
هن چيو ته ڪنهن کي ٻيو يا چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻائڻ کان بهتر آهي ته کيس موقعو ڏنو وڃي، عوام هڪ ڀيرو موقعو ڏي، هو کين مايوس نه ڪندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام کي سوچڻو پوندو ته ڇا حڪومت ستر ورهين جي ڪـُــراڙَن جي هٿن ۾ ڏني وڃي يا نوجوان قيادت اڳتي اچي.
پ پ چيئرمين چيو ته پيپلزپارٽيءَ جي مخالف ن ليگ يا پي ٽي آءِ ناهي، سندن مقابلو مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت سان مقابلو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪي مسئلا حل ڪرڻ ۽ عوام جي خدمت ڪو ڏکيو ڪم ناهي، بس نيت ٺيڪ هجڻ گهرجي.
پ پ چيئرمين وٽن مهانگائي ۽ غربت کي روڪڻ جو منصوبو آهي، جنهن لاءِ سمورين پارٽين کي گڏجي هلڻو پوندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻيون سياسي پارٽيون پراڻي سياست ڪري رهيون آهن، ملڪ کي نئين سياست ۽ قيادت جي ضرورت آهي، عوام جي خدمت لاءِ منشور هجڻ ضروري آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته عام چونڊن ۾ پ پ ڪاميابي ماڻيندي، وزيراعظم ۽ ڪي پي جو وڏو وزير به پ پ جا هوندا، ڪي پي عوام ووٽ ڏي هو مسئلا حل ڪري ڏيکاريندا