پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر وھاب رياض کي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو چيف سليڪٽر بڻائڻ جو فيصلو

- Advertisement -
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر وھاب رياض کي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو چيف سليڪٽر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آھي. پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي وھاب رياض کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر جو عھدو سنڀالڻ لاءِ ڪليئرنس ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب، وھاب رياض چيف سليڪٽر جو عھدو سنڀالڻ بعد بھ نگران ڪابينا جو حصو رھندو. ذريعن جو چوڻ آھي تھ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جلد وھاب رياض کي چيف سليڪٽر بڻائڻ جو ڪانٽريڪٽ موڪليو ويندو. ٻئي پاسي نويد اڪرم چيما کي پاڪستاني ٽيم جو مئنيجر بڻائڻ جو امڪان آھي، ھو اڳ بھ ٽيم جو مئنيجر رھي چڪو آھي. ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ محمد حفيظ ڪوچنگ اسٽاف جي لاءِ ملڪي ڪرڪيٽرز سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آھن، سليڪشن ڪميشن جي ميمبرن لاءِ بھ مشاورت جو عمل تيزي سان جاري آھي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.5 ° C
19.5 °
19.5 °
24%
2.4m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون