تازه ترين

نينگري فاطمه ڦرڙو جي وارثن جي اعتراض کانپوءِ سندس ڊي اين اي جزا ٻيهر پنجاب جي ليب ڏانهن موڪلي ڇڏيا آهن

قانون واري نگران صوبائي وزير عمر سومري چيو آهي ته نينگري فاطمه ڦرڙو جي وارثن جي اعتراض کانپوءِ سندس ڊي اين اي جزا ٻيهر پنجاب جي ليب ڏانهن موڪلي ڇڏيا آهن، جيڪڏهن راڻيپور حويلي جي مالڪ جا جزا ميچ ٿيا ته نگران حڪومت کيس معاف نه ڪندي، جوابدارن کي سخت سزا ڏياري ويندي جيئن اڳتي اهڙي قسم جا واقعا ٻيهر نه ٿي سگهن.

ڪراچيءَ ۾ هيومن رائٽس طرفان ڪرايل نيشنل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمر سومري چيو ته فاطمه ڦرڙو ڪيس ۾ ڊي اين اي ٽيسٽ ۾ صحت کاتي جي ڪوتاهي سبب رپورٽ دير سان پڌري ڪئي وئي پر سندس وارثن ٽيسٽ کي رد ڪيو جنهن سبب ٻيهر ڊي اين اي ٽيسٽ جا جزا پنجاب موڪليا آهن.

هن چيو ته نينگري جي ڊي اين اي ٽيسٽ ۾ جيڪڏهن راڻيپور حويلي جي مالڪ جا جزا ميچ ٿيا ته کيس نگران حڪومت معاف نه ڪندي.

سندس چوڻ هو ته نگران حڪومت صوبي ۾ ڪنهن سان به زيادتي ڪرڻ نه ڏيندي، فاطمه ڦرڙو جي وارثن کي انصاف ڏياريو ويندو.

قانون واري نگران وزير عمر سومري چيو ته هو مختصر وقت لاءِ صوبي جي عوام جي خدمت ڪرڻ لاءِ آيا آهن، معاشري کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ان موقعي تي مهتاب اڪبر راشدي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو عورتن لاءِ وڏا ڪم ڪيا پر هن وقت جڏهن مظلوم عورت ٿاڻي تي انصاف لاءِ وڃي ٿي ته ٿاڻي دار مظلوم کي چوندو آهي ته هو وڃي گهر وارن سان ٺاھ ڪري.

سندس چوڻ هو ته وڌيڪ ڪميشن جوڙڻ جي ضرورت آهي، عورتن کي بااختيار بڻايو وڃي.

تقريب اڳوڻي ايم اين اي سيده نفيسه شاھ. شميم ممتاز ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون