- Advertisement -
حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل قومپرست ناري مرڪ جان پيرزادو جي والد پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.
ناري جي والد جان محمد پيرزادو جو چوڻ آهي ته مرڪ جي موت جو پوليس طرفان ڪو اطلاع نه ڏنو ويو.
هن چيو ته وارثن جي پهچڻ کان اڳ ئي پوليس سندس نياڻي جو لاش اسپتال پهچايو.
سندس چوڻ هو ته انصاف جي اميد نه آهي، کيس يقين ئي نٿو اچي ته سندس نياڻي آپگهات ڪري سگهي ٿي.
ناري مرڪ جي ڀيڻ مهڪ پيرازدو چيو ته جيڪڏهن انصاف نه مليو ته هو پاڻ وڪالت پوري ڪري ڀيڻ جو ڪيس وڙهندي.
ناري جي امڙ جو چوڻ هو ته مرڪ مايوس ماڻهن کي جيئڻ جو ڍنگ سيکاريندي هئي هو آپگهات نٿي ڪري سگهي.
ٻئي پاسي جسقم چيئرمين صنعان قريشي مانجهند ۾ مرڪ جان پيرزادو جي ٿڏي تي پهچي سندس پيءُ سان تعزيت ڪئي.
ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان قريشي جو چوڻ هو ته مرڪ جان پيرزادو جو واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، واقعي ۾ ڪير به ملوث هجي ان کي قوم جي آڏو وائکو ڪيو وڃي.
جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو ته جيڪڏهن مرڪ جان پيرزادو جي خون سان انصاف نه ٿيو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .- Advertisement -
