پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هڪ دفعو ٻيهر اليڪشن بدران سليڪشن ٿي ته عوام جو تمام گهڻو نقصان ٿيندو، عوام کي هاڻي سليڪٽيڊ راڄ قبول ناهي، خبر آهي ته اڄ به ماڻهو پراڻي سياست پيا ڪن ۽ اليڪٽيبلز جي ڳولا ۾ آهن، مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ سياستندان اليڪٽيبلز نه رهيا آهن، مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري جو حل رڳو پ پ وٽ آهي، ايندڙ وزيراعظم جيالو ئي هوندو، نفرت ۽ ورهاڱي جي سياست تي يقين ناهي، عوام پ پ کي موقعو ڏنو ته کين مايوس نه ڪيو ويندو.
مردان ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پراڻن سياستدانن وٽ عوامي مسئلن جو ڪو به حل ناهي.
هن چيو ته آصف زرداري جمهوريت بحال ڪئي، آمر کي ڀڄايو، ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ ڏئي صوبن کي بااختيار ڪيو.
سندس چوڻ هو ته عوام کي ياد ڏيارڻو آهي ته پ پ هر دور ۾ عوام جي خدمت ڪئي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آبادگارن کي زمينن جو مالڪ ڪيو، قائد عوام لاءِ جدوجهد ڪئي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بينظير ڀٽو 30 سالن تائين عوام لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي، ٻن آمرن سان مهاڏو اٽڪايو، بينظير ڀٽو ملڪ لاءِ شهادت قبول ڪئي پر ڪڏهن به پوئتي نه هٽي.
هن چيو ته معاشي بحران سبب تاريخي مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري آهي، گڏجي ملڪ کي مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏياريو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي دشمن پراڻي سياست آهي، هاڻي نئين سياست جي شروعات ڪرڻي پوندي، نئين سياست مان ئي ملڪي مسئلن مان نجات ملندي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻين سياسي پارٽين لاءِ مشورو آهي ته عوام تي ڀروسو ڪيو وڃي، سياست ۽ منشور تي اعتبار ڪيو وڃي، هيڏانهن هوڏانهن نه ڏسڻ گهرجي، عوام طرف ڏسو، جيڪڏهن هڪ دفعو ٻيهر ڪنهن کي مڙهيو ويو ته نقصان عوام جو ٿيندو.
هن چيو ته عوام ماضي ۾ به سليڪٽيڊ راڄ ڀوڳيو آهي، هاڻي به سليڪٽيڊ راڄ قبول نه ڪندو.
سندس چوڻ هو ته سندن نعرو اٽو، لٽو ۽ اجهو آهي، کين چيو ويندو آهي ته اهي پراڻا نعرا آهن، نئون نعرو هڻي اچڻ گهرجي، اڄ به ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي، سندن نعرو، اٽو، لٽو ۽ اجهو رهندو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪي سياستدان مسلم ليگ ن يعني مهانگائي ليگ ۾ شامل ٿيندا اهي اليڪٽيبلز نه رهندا.
هن چيو ته هڪ دفعو ٻيهر اليڪشن نه سليڪشن ٿي ته نقصان پاڪستان جو عوام برداشت ڪندو، ايندڙ وزيراعظم ۽ وڏو وزير جيال هوندو