- Advertisement -
مسلم ليگ ن اڳواڻ راڻا ثناءَ الله چيو آھي تھ مسلم ليگ ن سادي اڪثريت سان اڪيلي حڪومت ٺاهيندي، سموريون سياسي پارٽيون عام چونڊن ۾ حصو وٺنديون، فيصلو عوام ڪندو، مسلم ليگ ن وٽ هر تڪ ۾ مضبوط اميدوار آهن، نواز شريف هر دور ۾ ملڪ کي بحرانن مان ڇوٽڪارو ڏياريو آهي، کين اميد آهي ته نواز شريف قوم کي مايوس نه ڪندو.
لاھور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نواز شريف چيو تھ مھانگائي کي ڪنٽرول نھ ڪيو ويو تھ 24 ڪروڙ عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويندو، ھو ملڪ کي مھانگائي جي ڌٻڻ مان ڪڍندا ۽ نواز شريف ڪوڙن ڪيسن مان سوڀارو ٿيندو.
سندس چوڻ ھو تھ مسلم ليگ ن وٽ هر تڪ تي ھڪ کان وڌيڪ مضبوط اميدوار آهن ايندڙ ھفتي پارلياماني بورڊز جي گڏجاڻين جي شروعات ڪئي ويندي.
مسلم ليگ ن اڳواڻ راڻا ثناءَ الله چيو تھ نواز شريف پنجاب جي ھر ڊويزنل ھيڊ ڪوارٽرن ۾ جلسا ڪندو، صوبي ۾ ڀرپور اندار ۾ پارٽي مھم ھلائيندي، شيڊول جاري ٿيندي ئي چونڊ مھم شروع ڪئي ويندي.
ھن چيو تھ نواز شريف هر دور ۾ ملڪ کي بحرانن مان ڇوٽڪارو ڏياريو آهي، کين اميد آهي ته نواز شريف قوم کي مايوس نه ڪندو.
مسلم ليگ ن اڳواڻ راڻا ثناءَ الله چيو تھ مسلم ليگ ن سادي اڪثريت سان اڪيلي حڪومت ٺاهيندي، سموريون سياسي پارٽيون عام چونڊن ۾ حصو وٺنديون، فيصلو عوام ڪندو، بلوچستان ملڪ جو اھم حصو آھي گڏ کڻي ھلندا.
سندس چوڻ ھو تھ 2018ع ۾ جيڪو مسلم ليگ نون سان ٿيو اھو ھاڻي نھ پيو ٿئي تھ ڏکيو لڳي ٿو، ملڪ کي تجربيڪار قيادت ئي ھلائي سگھي ٿي.
مسلم ليگ ن اڳواڻ راڻا ثناءَ الله چيو تھ وقت جي ضرورت آھي تھ تجربيڪار قيادت اڳيان اچي، اميد آھي تھ نواز شريف تي عوام اعتماد ڪندو، نواز شريف کي سليڪٽڊ چوڻ ۾ ڪا سچائي ناھي، ليول پليئنگ فيلڊ بابت واويلا اجائي آھي، تنقيد ذاتيات تي نھ سياسي انداز ۾ ڪئي وڃي……………….- Advertisement -
