- Advertisement -
پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙي چيو آھي تھ الله کي خبر آھي عام چونڊون ڪيئن ٿينديون اڃا تائين اليڪشن تي اعتبار ناھي ٿيندو، آر او ۽ پولنگ ايجنٽس جي نتيجن ۾ فرق نھ ھئڻ گھرجي، پولنگ اسٽيشن مضبوط ھئڻ گھرجن، پيپلز پارٽي عوام سان اتحاد تي يقين رکي ٿي ڪنھن سازش يا بيڪ ڊور جي سياست تي يقين نٿي رکي، ن ليگ ۽ ايم ڪيو جو اتحاد اڃا ناھي ٿيو ٻنھي جي اڃا ڪميٽي ٺھي آھي جيڪا ڳالھيون ڪري رھي آھي.
سٽي ڪورٽ ڪراچي ۾ وقار مھدي سان گڏ ميڊيا سان ڳالھائيندي نثار کھڙي چيو تھ کين فخر آھي تھ سندن قائد پنھنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو، پ پ 3 جمھوري دور پورا ڪرايا آھن، آئين خلاف ڪنھن ڪا ڇيڙ ڇاڙ ڪئي تھ وڪيل اٿي بيھندا.
سندس چوڻ ھو تھ ھو وڪيل برادري کي ملڪ جو محافظ سمجھن ٿا، کين خوشي آھي تھ پ پ جمھوريت کي بحال ڪيو.
پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙي چيو تھ نواز شريف سنڌ اچي رھيو آھي تھ ھو ڇو روڪيندا، ائين تھ ناھي نواز شريف کي پنجاب ۾ ڪو نٿو پڇي ھاڻي ٻين ھنڌن تي گھمي رھيو آھي.
ھن چيو تھ الله کي خبر آھي عام چونڊون ڪيئن ٿينديون اڃا تائين اليڪشن تي اعتبار ناھي ٿيندو، آر او ۽ پولنگ ايجنٽس جي نتيجن ۾ فرق نھ ھئڻ گھرجي، پولنگ اسٽيشن مضبوط ھئڻ گھرجن.
پ پ سنڌ جي صدر نثار کھڙي چيو تھ پيپلز پارٽي عوام سان اتحاد تي يقين رکي ٿي ڪنھن سازش يا بيڪ ڊور جي سياست تي يقين نٿي رکي، ن ليگ ۽ ايم ڪيو جو اتحاد اڃا ناھي ٿيو ٻنھي جي اڃا ڪميٽي ٺھي آھي جيڪا ڳالھيون ڪري رھي آھي…………- Advertisement -
