اسرائيلي فوج جا غزه تي حملا جاري، يهودي فوج جي خان يونس تي رهائشي عمارت تي بمباري

- Advertisement -
اسرائيل پاران غزه جي مختلف علائقن تي بمباري جاري آھي، خان يونس ۾ رهائشي عمارت تي بمباري ۾ وڌيڪ 10 فلسطيني شهيد ۽ 22 زخمي ٿي پيا جڏهن ته نصائرات ڪيمپ ۾ گهر تي حملي ۾ به وڌيڪ 17 ڄڻا شهيد ٿي ويا. 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين غزه ۾ اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 14 هزار 128 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته زخمين جو انگ به 33 هزار کان وڌي چڪو آهي. صحت جي عالمي اداري موجب، غزه جي اسپتالن مان قاهره پهچندڙ 28 فلسطيني ٻارڙن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي ٻارن جا والدين ۽ سمورا خاندان شهيد ٿي ويا آهن. غزا تي اسرائيلي جارحيت ۾ شهيد فلسطينين ۾ ھن وقت تائين 5 هزار کان وڌيڪ ٻارڙا بھ شھيد ٿي چڪا آھن. حماس جو چوڻ آهي ته غزه پٽي جي ڪنهن به اسپتال کي عسڪري مقصدن لاءِ استعمال ناهي ڪيو، اسرائيل پنهنجي ناڪامين کي لڪائڻ لاءِ طبي مرڪزن کي نشانو بڻائي رهيو آهي. حماس ترجمان موجب، اسرائيل اتر غزا جي شهرين کي مصر ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ رٿابندي ڪئي آهي پر غزه جا شهري پنهنجي سرزمين ڇڏي ڪيڏانهن به نه ويندا. اسرائيل طرفان يرغمالين جي آزاديءَ بابت معاھدي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو ڪابينا اجلاس ۾ چيو آهي ته معاھدو ڏکيو پر درست فيصلو آهي. القسام بريگيڊز طرفان دعويٰ ڪئي وئي آھي تھ ٽن ڏينھن دوران اسرائيل جي 60 فوجي گاڏين کي نشانو بڻايو ويو آھي. حزب الله طرفان غزا جي فلسطيني عوام تي جاري اسرائيلي ظلمن و بدلو وٺندي اسرائيلي فوج جي ٿاڪن کي ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو جڏھن تھ حذب الله طرفان حملن جي وڊيو بھ جاري ڪئي وئي. پرڏيھي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي اسرائيل جي اڳوڻي وزيراعظم ايھود بارڪ اعتراف ڪيو آھي تھ والاريل فلسطين جي علائقي غزا ۾ اسپتالن ھيٺيان بنڪرز اسرائيلي فوج ٺاھيا ھئا ۽ اھي بنڪرز ڏھاڪا پھريان ٺاھيا ويا ھئا. اسرائيل جي اڳوڻي وزيراعظم اھو انڪشاف بھ ڪيو تھ بنڪرز ٺاھڻ جو سبب اسرائيلي فوج طرفان غزا جي نگراني ڪرڻ ھو، بنڪرز اسرائيلي فوج ئي ٺاھيا ھئا جن کي ھاڻي حماس استعمال ڪري رھيو آھي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.5 ° C
17.5 °
17.5 °
53%
2.7m/s
0%
خميس
28 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون