- Advertisement -
اسرائيلي حڪومت حماس سان غزه جنگ جي يرغمالين جي آزادي ۽ جنگبندي جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حڪومت غزه ۾ حماس وٽ قيد 50 ڄڻن جي آزاديءَ جي بدلي ۾ فلسطيني قيدين جي آزادي ۽ عارضي جنگ بندي جي معاهدي جي منظوري ڏني آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، حماس وٽ قيد 50 عورتن ۽ ٻارن کي 4 ڏينهن ۾ بازياب ڪيو ويندو جڏهن ته ان دوران جنگ ۾به وقفو هوندو.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل طرفان جنگ ۾ عارضي وقفي کانپوءِ حماس خلاف جنگ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، معاهدي جي منظوري لاءِ ڪابينا اجلاس کان اڳ اسرائيلي وزيراعظم پنهنجي جنگي ڪابينا ۽ نيشنل سڪيورٽي ڪائونسل سان صلاح مشورا ڪيا.
ڪابينا اجلاس ۾ ڳالهائيندي اسرائيلي وزيراعظم چيو ته امريڪي صدر جوبائيڊن جي مدد سان عارضي جنگ بندي ۽ حماس وٽ قيد ڏيڍ سئو يرغمالين جي آزادي جي معاهدي تي پهتا آهن پر اسرائيل پنهنجو مشن جاري رکندو ان ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي ويندي.- Advertisement -
