- Advertisement -
غزه ۾ عارضي جنگبندي جي ٻئي ڏينهن حماس 13 اسرائيلي ۽ 7 پرڏيهين کي آزاد ڪري ڇڏيو، حماس طرفان يرغمالين جي آزادي جي وڊيو جاري ڪئي وئي، جڏهن ته اتر غزا ۾ امدادي سامان جون 61 ٽرڪون پهچايون ويون.
حماس طرفان آزادي ماڻيندڙن کي ريڊ ڪراس جي مدد سان مصر روانو ڪيو ويو، يرغمالين جي آزادي بابت رنڊڪ جو خاتمو امريڪا، قطر ۽ مصر جي ڪوشش سان ممڪن ٿيو.
حماس طرفان 20 يرغمالين جي آزاد جي بدلي اسرائيل جنگ بندي معاهدي تحت 39 فلسطينين کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.
قطري ترجمان موجب، اسرائيل جي قيد مان آزادي ماڻيندڙ فلسطينين ۾ ۾ 33 ٻار ۽ 6 عورتون شامل آهن.
قطر جي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته قيدين جي آزادي ۾ پيش ايندڙ رنڊڪون قطر ۽ مصر جي ٻنهي ڌرين سان رابطن ذريعي ختم ٿي ويون آهن جنهن جي حماس پڻ تصديق ڪئي آهي.
حماس جو چوڻ آهي ته اسرائيل طرفان معاهدي جون سموريون شرطون برقرار رکڻ جي وعدي کانپوءِ يرغمالين کي آزاد ڪري رهيا آهن.
ان کان اڳ حماس اسرائيل تي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو الزام لڳائيندي يرغمالين جي آزادي روڪي ڇڏي هئي.
حماس جو چوڻ هو ته اسرائيل جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، وڌيڪ يرغمالين کي اتر غزا ۾ امدادي ٽرڪن جي داخل ٿيڻ جي اجازت کانپوءِ آزاد ڪيو ويندو.- Advertisement -
