- Advertisement -
راڄو خاناڻي شهر ۾ 6 دڪانن کي باهه وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي ۾ سامان سڙي رک ٿي ويو.
ماتلي ويندڙ تي سلطاني واهه وٽ قائم مارڪيٽ جي دڪانن کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي.
فائر برگيڊ جي گاڏي نه پهچڻ سبب 6 دڪان سامان سوڌو سڙي رک ٿي ويا.
شهرين پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ دڪانن کي سڙڻ کان بچائي ورتو.
متاثر دڪاندان جو چوڻ آهي ته دڪانن پيل لکين رپين جو سامان سڙي ويو آهي، مالي مدد ڪئي وڃي ته جيئن روزگار ڪري ٻچڙن جو پيٽ پالي سگھن.- Advertisement -
