- Advertisement -
سنڌ ۾ سياري جي پهرين برسات پوڻ سبب ٿڌ ۾ واڌ اچي وئي .
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ سان برسات پئي.
صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، اولڊ سٽي ايريا، ڪلفٽن، ڊفينس، ڪياماڙي ۽ لياري سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ برسات پئي.
ملير، بن قاسم، بلديا، اورنگي ٽائون، سائيٽ ايريا، ناظم آباد ۽ لياقت آباد ۾ گجگوڙ سان گڏ وقفي وقفي سان پوندي رهي.
حيدرآباد ۽ ڀرپاسي جي مختلف علائقن ۾ برسات پوڻ سبب ٿڌي ۾ غير معمولي اضافو ٿي ويو.
ننگر پارڪر جي مختلف علائقن ۾ برسات دوران وڄ ڪرڻ سبب 110 ٻڪريون مري ويون.
ٺٽي، سجاول، گهاري، جاتي، جهنڊو مري، هڱورجا، ساماري، خانواهڻ سميت ٻين شهرن ۾ وسڪاري سبب مواصلاتي نطام درهم برهم ٿي ويو.
ٽنڊي آدم، چمبڙ، گپچاڻي، ٽالهي، نيو سعيد آباد ۾ برسات پوڻ سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو.
شهداد پور ۾ تيز برسات پوڻ سبب روڊ رستن تي پاڻي بيهجي ويو ۽ بجلي جو نظام ڊانوان ڊول ٿي ويو .
سرهاڙي، مقصودو رند، اڏيرو لال ۽ ڄام نواز علي ۾ وقفي وقفي سان ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات پئي.
ڪيٽي بندر، ڳاڙهو سميت سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ برسات پئي آهي.- Advertisement -
