تازه ترين

غزه ۾ عارضي جنگبندي جي ٽئين ڏينهن اڄ حماس ۽ اسرائيل طرفان ٽئين گروپ ۾ قيدين جي مٽا ساٽا ڪئي پئي وڃي

- Advertisement -
غزه ۾ عارضي جنگبندي جي ٽئين ڏينهن اڄ حماس ۽ اسرائيل طرفان ٽئين گروپ ۾ قيدين جي مٽا ساٽا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته اسرائيل جا اولهه ڪناري ۾ حملا جاري آهن، اڄ وڌيڪ 4 فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو . هڪ ڏينهن اڳ حماس 13 اسرائيلي ۽ 7 پرڏيهين کي آزاد ڪري ڇڏيو، حماس طرفان يرغمالين جي آزادي جي وڊيو جاري ڪئي وئي، جڏهن ته اتر غزا ۾ امدادي سامان جون 61 ٽرڪون پهچايون ويون . اسرائيل جي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حماس طرفان اڄ آزاد ڪيلن جي فهرست ملي وئي آهي، سڪيورٽي اختياريون فهرست جي جاچ ڪري رهيون آهن . حماس طرفان هن وقت تائين 26 اسرائيلي ۽ 14 ٿائي ۽ هڪ فلپائني قيدي کي آزاد ڪيو ويو آهي، اسرائيل به معاهدي تحت عورتن ۽ ٻارڙن سميت 78 فلسطينين کي آزاد ڪيو . قطري ترجمان موجب، اسرائيل جي قيد مان آزادي ماڻيندڙ فلسطينين ۾ ۾ 33 ٻار ۽ 6 عورتون شامل آهن . ٻئي پاسي اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي ظلم جاري آهي، يهودي فوج وڌيڪ چئن فلسطينين کي شهيد ڪري ڇڏيو. اسرائيل اولهه ڪناري جي ڪيمپ جنين تي حملو ڪيو . ميديا رپورٽس موجب، گهر ٻاهران بيٺل  25 ورهين جي فلسطيني ڊاڪٽر کي يهودي فوج گوليون هڻي قتل ڪيو، جڏهن ته رام الله ۾ به هڪ فلسطيني کي شهيد ڪيو ويو . اولهه ڪناري ۾ 7 آڪٽوبر کان هن وقت تائين 52 ٻارڙن سميت 229 فلسطيني شهيد ڪيا ويا آهن. اسرائيلي فوج رفح ۽ خان يونس مان اتر غزا واپس ويندڙ فلسطيني شهرين تي به فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا شهيد ۽  11 ڄڻا زخمي ٿي پيا . هوڏانهن والاريل فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس جي عسڪري ونگ القسام برگيڊ غزا ۾ اسرائيلي فوج خلاف جنگ ۾ ملٽري ڪونسل جي ميمبر ۽ اتر برگيڊ جي ڪمانڊر احمد الغندور المعروف ابو انس سميت چئن اهم ڪمانڊرز جي شهادت جو اعلان ڪيو آهي. القسام برگيڊز موجب ملٽري ڪونسل جو ميمبر ۽ اتر برگيڊز جي ڪمانڊر احمد الغندور المعروف ابو انس، بيت لاهيا بٽالين جو ڪمانڊر وائل رجب المعروف ابو صهيب، اتر برگيڊ جو ڊپٽي ڪمانڊر رفعت سلمان المعروف ابو عبدالله ۽ آرٽلري برگيڊ جو ڪمانڊر ايمن صيام شهيد ٿي ويا. القسام برگيڊز جو چوڻ آهي ته طوفان الاقصيٰ آپريشن ۾ اهي ڪمانڊرز بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.9 ° C
33.9 °
33.9 °
20 %
2kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون