تازه ترين

حماس عارضي جنگبندي جي ٽئين ڏهاڙي 13 اسرائيلين سميت 17 يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
حماس عارضي جنگبندي جي ٽئين ڏهاڙي 13 اسرائيلين سميت 17 يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو. عالمي جنگ بندي جي ٽئين ڏهاڙي حماس معاهدي تحت حماس وڌيڪ 13 اسرائيلي يرغمالين کي ريڊ ڪراس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. آزاد ٿيلن ۾ 9 ٻار، 4 عورتون  ۽ هڪ روسي اسرائيلي شامل آهي، جڏهن ته  حماس ٽن ٿائي شهرين کي به آزاد ڪري ڇيڏو آهي. اسرائيل به وڌيڪ 39 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو. آمريڪي صدر جوبائيڊن جو چوڻ آهي ته جنگ ۾ وقفو جاري رهڻ جي اميد آهي. حماس طرفان جنگبندي ۾ 2 کان 4 ڏينهن تائين واڌ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. جنگبندي ۾ اضافي سان وڌيڪ 20 کان 40 اسرائيلي قيدين جي آزادي ٿي سگهندي، امدادي سامان کڻي 120 ٽرڪون غزا ۾ داخل  ٿي ويون. گڏيل قومن چيو آهي ته غزا جي 80 سيڪڙو آبادي بي گهر بڻجي وئي آهي، بي گهر ماڻهن جو انگ 17 لک کان به وڌيڪ آهي، 10 لک فلسطيني 156 پناهگير  مرڪزن ۾ آهن، اسرائيل پناهگير مرڪزن تي به بمباري ڪري چڪو آهي .
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
41 %
2.5kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون