تازه ترين

غزه ۾ عارضي جنگبندي جي پنجين ڏينهن حماس 12 يرغمالي جڏهن ته اسرائيل 30 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
غزه ۾ عارضي جنگبندي جي پنجين ڏينهن حماس 12 يرغمالي جڏهن ته اسرائيل 30 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب حماس جي القسام برگيڊ طرفان عارضي جنگبندي جي پنجين ڏينهن 10 اسرائيلي ۽ 2 پرڏيهين سميت 12 يرغمالين کي آزاد ڪري ريڊ ڪراس حوالي ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف 12 يرغمالين جي آزادي جي بدلي ۾ اسرائيل اوفر جيل مان وڌيڪ 30 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو، جن ۾ 15 عورتون ۽ 15 مرد شامل آهن. حماس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آزاد ڪيل فلسطيني قيدين ٻڌايو ته اسرائيل جو ساڻن رويو وحشياڻو هو. واضح رهي ته غزه ۾ حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ دوران عارضي جنگبندي جي 4 ڏينهن دوران هن وقت تائين 50 اسرائيلي ۽ 150 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو ويو آهي. 7 آڪٽوبر کان وٺي اسرائيلي حملن ۾ مارجي ويل فلسطينين جو انگ 15 هزار کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته اسرائيلي بمباري سبب تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي مان 160 لاش هٿ ڪيا ويا آهن…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.8 ° C
32.8 °
32.8 °
23 %
3kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون