- Advertisement -
قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري چيو آهي ته قطر جنگبندي کي وڌائڻ لاءِ حماس ۽ ايران سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي.
دوحا ۾ پريس بريفنگ دوران هن چيو ته غزه ۾ 4 ڏينهن جي جنگ بندي ۾ مجموعي طور تي 69 يرغمالين کي آزاد ڪيو ويو.
قطر جي ترجمان جو چوڻ هو ته غزه ۾ مڪمل جنگ بندي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن، غزه ۾ انساني امداد مسلسل پهچ يقيني بڻائڻ چاهن ٿا.
هن چيو ته قطر 910 ٽن امدادي سامان سان ڀريل 27 جهاز مصر موڪليا آهن.
ترجمان ماجد الانصاري چيو ته ڳالهين جو عمل ڏکيو هو هر پارٽي جا پنهنجا مطالبا ۽ خدشا هئا جن کي حل ڪيو ويو.
قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن وقت سندن پهرين ترجيح شهري عورتن ۽ ٻارن کي آزاد ڪرائڻ آهي.- Advertisement -
