تازه ترين

اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگبندي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي

- Advertisement -
اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگبندي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي. اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته ڇهين ڏينهن جنگبندي جو مدو ختم ٿيڻ کان ڪجهه دير اڳ واڌ ڪئي وئي. اسرائيلي فوج موجب، وڌيڪ يرغمالين جي آزادي لاءِ جنگبندي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي ٽياڪڙي ڪندڙن جي ڪوششن جي نتيجي ۾ معاهدي تحت يرغمالين جي آزادي جو عمل جاري رهندو ۽ طئي ٿيل فريم ورڪ تحت آپريشنل وقفو به جاري رهندو. اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس طرفان چيو ويو آهي ته اڄ آزاد ٿيندڙ 10 اسرائيلي يرغمالين جي لسٽ ملي وئي آهي. اسرائيلي ميڊيا موجب، معاهدي تحت اسرائيل 10 يرغمالين جي بدلي 30 فلسطيني قيدي آزاد ڪندو. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته حماس غزا ۾ عارضي جنگبندي جي تصديق ڪري ڇڏي. غزا ۾ ڇهن ڏينهن جي جنگبندي جو وقت ختم ٿيڻ کان ڪجهه دير اڳ جنگبندي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ حماس عارضي جنگبندي معاهدي جي ڇهين ۽ آخري ڏهاڙي تي چئن غيرملڪين سميت 16 يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو. عرب ميڊيا موجب حماس طرفان يرغمالين جي آزادي بعد اسرائيل کي به وڌيڪ 30 فلسطيني آزاد ڪرڻا پئجي ويا. حماس 5 عورتن ۽ 5 ٻارن سميت وڌيڪ 10 اسرائيلين ۽ چئن ٿائي شهرين کي آزاد ڪري ڇڏيو. ان کان ڪجهه ڪلاڪ پهريان روس جي ٻٽي شهريت رکندڙ ٻن اسرائيلي عورتن کي به آزاد ڪيو ويو. قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصار جو چوڻ آهي ته حماس طرفان آزادي ماڻيندڙ يرغمالين ۾ ٻه ڊچ شهريت رکندڙ ٻارن سميت 3 جرمن ۽ هڪ آمريڪي به شامل آهن. القسام برگيڊز اسرائيلي بمباري دوران حراست ۾ 3 اسرائيلي يرغمالين جي مارجڻ جو اعلان به ڪيو آهي جنهن جي اسرائيلي حڪومت به تصديق ڪئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.1 ° C
25.1 °
25.1 °
47 %
2.7kmh
53 %
اڱارو
25 °
اربع
30 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °

تازه ترين خبرون