- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته ٻوڏ کانپوءِ صاف پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جا مسئلا رهيا آهن، بهتر کاڌو ۽ سپليمينٽس کانسواءِ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندو پاڻي به سسٽنگ کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي، سنڌ حڪومت مختلف منصوبا شروع ڪيا آهن ته جيئن سسٽنگ کي روڪي سگهجي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سان عالمي بينڪ ڏکڻ ايشيا جي ريجنل نائب صدر مارٽن رائزر ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران عالمي بينڪ جو ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسني، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم ۽ چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل به شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي عالمي بينڪ ڏکڻ ايشيا جي صدر چيو ته عالمي بينڪ ٻارن جي سسٽنگ پراجيڪٽ تي سنڌ ۾ ڪم ڪيو آهي هن پراجيڪٽ کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ چاهن ٿا ته جيئن بهتر نتيجا حاصل ٿين.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته ٻوڏ کانپوءِ صاف پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال جا مسئلا رهيا آهن، بهتر کاڌو ۽ سپليمينٽس کانسواءِ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندو پاڻي به سسٽنگ کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي، سنڌ حڪومت مختلف منصوبا شروع ڪيا آهن ته جيئن سسٽنگ کي روڪي سگهجي.
چيف سيڪريٽري چيو ته فنڊز کانسواءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن ته هر ضلعي انتظاميا به پرگرام تي ڪم ڪري، ڊپٽي ڪمشنرز سسٽنگ پروگرام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهن ٿا.
نگران وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت هيلٿ انشورنس تي ڪم ڪري رهي آهي.
عالمي بينڪ ڏکڻ ايشيا جي ريجنل نائب صدر چيو ته عالمي بينڪ 2 ڏهائي 2 بلين ڊالرز جو پراجيڪٽ ڪراچي سٽي حڪومت سان ڪري رهي آهي، ورلڊ بينڪ چاهي ٿي ته ان تي بهتر ۽ ڪم تيز ٿئي.
پي اينڊ ڊي چيئرمين چيو ته گاربيج اسٽيشن تي ڪم شروع ٿيڻ وارو آهي، عالمي بينڪ جو پراجيڪٽ تيزي سان مڪمل ٿيندو.
چيف سيڪريٽري چيو ته ڪجهه پراجيڪٽ مقامي ڪرنسي جي ڀيٽ ۾ ڊالرز سان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن اهڙي طرح پراجيڪٽس جي لاڳت وڌڻ سان منظوري وٺڻي پوندي آهي.
اجلاس ۾ طئي ٿيو ته عالمي بينڪ فنڊنگ جاري ڪندي ۽ سنڌ حڪومت پراجيڪٽس تي ڪم تيز ڪندي.- Advertisement -
