- Advertisement -
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، ٽيسٽ ڪپتان شان مسعود کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ اپگريڊ ڪندي کيس ڊي مان بي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اهو فيصلو پنهنجي ان پاليسي تحت ڪيو آهي ته جيڪڏهن سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل ڪوبه رانديگر جيڪو اي يا بي ڪيٽيگري کان هيٺ آهي ۽ اهو ڪپتان ٿئي ٿو ته سندس ڪانٽريڪٽ ان وقت تائين بي ڪيٽيگري ۾ ڪيو ويندو جيستائين هو ڪپتاني ڪري رهيو آهي.
34 ورهين جي شان مسعود کي 15 نومبر تي ٽيم ٽيسٽ جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو هو ۽ آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ 25-2023ع تائين ڪپتان بڻايو ويو- Advertisement -
