سمورين سياسي پارٽين جي جي ڀيٽ ۾ پيپلزپارٽي ڀرپور چونڊ مهم هلائي رهي آهي: شيري رحمان

- Advertisement -
پ پ جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين جي جي ڀيٽ ۾ پيپلزپارٽي ڀرپور چونڊ مهم هلائي رهي آهي، هو بند ڪمرن ۽ سوشل ميڊيا نه پر عوام جي وچ ۾ پنهنجي چونڊ ايجنڊا پيش ڪري رهيا آهن. اسلام آباد ۾ نيئر بخاري سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شيري رحمان چيو ته نامزدگي ڪاغذ وصول ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي، سندن چونڊ مهم ۾ وڌيڪ تيزي ايندي. هن چيو ته پ پ عام چونڊن لاءِ مڪمل طور تيار آهي، صاف شفاف چونڊون ٿيون ته پ پ مقبول ترين پارٽيءَ طور سامهون ايندي. شيري رحمان چيو ته پيپلزپارٽي گارگند، ڏڦيڙ ۽ ورهائڻ واري سياست نه پر عوامي ڀلائي ۽ قومي ترقي واري پاليسي تحت هلي رهي آهي. ان موقعي تي نيئر بخاري چيو ته 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ تاريخي جلسو ٿيندو، بلاول جو موقف آئيني، قومي ۽ عوامي موقف آهي، اميد ته پ پ چيئرمين جي عروج جو سج اڀرندو ۽ مخالفن جو لهندو. هن چيو ته پ پ عوامي ۽ مخالف اشرافيا جا نمائندا آهن، ووٽر عوام کي تڪليف ڏيندڙن کي رد ڪري ڇڏيندو….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
30%
2m/s
29%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
23 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون