- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ ڏيڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا، ترجمان جو چوڻ آهي ته آئين ۽ قانون تحت سمورا ڊپٽي ڪمشنر غيرجانبداري جو مظاهرو ڪن.
اليڪشن ڪميشن طرفان عام چونڊن لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ فراهم ڪرڻ جي هدايت تي پنجاب حڪومت سڄي صوبي جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڊي پي او کي خط لکيا ويا.
اليڪشن ڪميشن هدايتن ۾ چيو آهي ته آئين ۽ قانون تحت سمورا ڊپٽي ڪمشنر غيرجانبداري جو مظاهرو ڪن، پنجاب حڪومت، چيف سيڪريٽري، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڊي پي او کي ليول پليئنگ فيلڊ بابت هدايتن تي عمل کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي.
اليڪشن ڪميشن طرفان نگران وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري ۽ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين کي خط لکيا ويا هئا جن ۾ هڪ سياسي پارٽي ليول پليئنگ فيلڊ نه ملڻ بابت اليڪشن ڪميشن آڏو خدشن جو اظهار ڪيو هو………- Advertisement -
