- Advertisement -
لاڙڪاڻي جي ايوب ڪالوني ۾ عورت جو گهر مان گولي لڳل لاش هٿ آيو آهي جڏهن ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺي ايس ايس پي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
حيدري ٿاڻي جي حد ايوب ڪالوني ۾ 50 ورهين جي خالده قريشي زال آصف قريشي جو گولي لڳل لاش مليو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو.
پوليس جو چوڻ آهي ته خالده قريشي پنهنجي پٽ سان گڏ رهندي هئي ۽ سندس مڙس پنجاب ۾ رهندو آهي.
پوليس موجب، عورت جي گهر ۾ مختلف گهرواڻبڻت جا مسئلا هلندڙ هئا وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي عورت جو لاش گهر مان هٿ اچڻ جو نوٽيس ورتو.
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي، ايس ايس پي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.- Advertisement -
