- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل نوشهري فيروز ۽ موري واسي پ پ ڪارڪنن جي پوئنرن سان تعزيت ڪري ڏک جو اظهار ڪيو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن سان گڏ نوشهري فيروز ۽ موري پهچي فوتين جي وارثن سان تعزيت ڪئي.
بلاول ڀٽو زرداري پ پ تعلقي جي صدر شڪيل ميمڻ جي نياڻين سان تعزيت ڪري ڏک جو اظهار ڪيو.
پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوابشاهه کان مورو پيپلز سيڪريٽريٽ لنجار ھائوس پھتو، جتي هن تعزيت پڻ ڪئي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اچڻ تي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي.- Advertisement -
