- Advertisement -
پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو آئين جيان سموري ملڪ کي متحد رکڻ جي علامت هئي، ان ڪري کيس چئني صوبن جي زنجير جو خطاب مليو، اميد ته پاڪستان جي زنجير سان انصاف ٿيندو.
جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته هو شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي سورهين ورسي ملهائي رهيا آهن، شهيد راڻي کي کانئن کسي نه رڳو پ پ پر عوام توڙي پاڪستان کي وڏو نقصان پهچايو ويو.
هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل بعد 27 ڊسمبر پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو سانحو هو، تاريخ ان کي ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي.
شيري رحمان چيو ته بينظير ڀٽو ڪيس بابت پ پ جو اپيلون ڇهن ورهين کان لاهور هائيڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ آڏو التو هيٺ آهن، اميد ته انصاف ٿيندو……- Advertisement -
