- Advertisement -
آءِ جي بلوچستان عبدالخالق شيخ چيو آهي ته بلوچستان پوليس دهشتگردي خلاف تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، گهٽ وسيلن باوجود جعفرآباد پوليس ڏوهارين جو خاتمو آندو.
آءِ جي بلوچستان عبدالخالق شيخ ڊيرا الهيار پهچي شهيد انسپيڪٽڙ طيب لاشاري جي وارثن سان تعزيت ڪئي.
ان موقعي تي آءِ جي بلوچستان عبدالخالق شيخ چيو ته بلوچستان پوليس دهشتگردي خلاف تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، گهٽ وسيلن باوجود جعفرآباد پوليس ڏوهارين جو خاتمو آندو.
سندس چوڻ هو ته هو جاگير ٽولي خلاف اثرائتي ڪارروائي ۾ شهيدن ۽ غازين کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا، شهيد انسپيڪٽر جي پٽ کي ڪيڊٽ ڪاليج جا سمورا خرچ پوليس کاتو فراهم ڪندو.
آءِ جي بلوچستان عبدالخالق شيخ چيو ته بلوچستان پوليس جي پگهار ۽ ٻين صوبن کان گهٽ آهي، پگهارن ۾ اضافي لاءِ حڪومت کي خط جاري ڪيا ويندا آهن، ڊيرا الهيار ۾ وڌيڪ ٿاڻن ٺاهياويندا………..- Advertisement -
