- Advertisement -
ڪراچي ۾ نئين سال جي خوشي ۾ مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 30 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي پيا.
صدر، لياري، گارڊن، سچل، ڪورنگي، اورنگي ٽائون، سائيٽ سرجاني، ملير، قائد آباد گلستان جوهر، لياقت آباد، نيو ڪراچي، بلديا، ڪياماڙي ۾ هوائي فائرنگ ڪئي وئي.
ان کان علاوه سهراب ڳوٺ، فيڊرل بي ايريا، ڪلفٽن، خواجا اجمير نگري، سر سيد ٽائون، لانڍي، شاهه فيصل ڪالوني سميت ٻين علائقن ۾ به هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو.
ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته شهر جي مختلف علئاقن ۾ هوائي فائرنگ سبب ٽيهه کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته هوائي فائرنگ ۾ زخمي ٿيلن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن جن کي طبي امداد لاءِ جناح، سول ۽ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب، مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ ڪندڙ 65 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو……..- Advertisement -
