پاڪستان طرفان فلسطيني ڀيڻ ڀائرن جي مدد لاءِ 20 ٽن امدادي سامان جي ٽئين کيپ غزا لاءِ روانو

- Advertisement -
پاڪستان طرفان فلسطيني ڀيڻ ڀائرن جي مدد لاءِ 20 ٽن امدادي سامان جي ٽئين کيپ غزا لاءِ رواني ڪئي وئي آهي. امدادي سامان جي ٽئين کيپ هوائي فوج جي خاص اڏام ذريعي نور خان ايئر بيس کان رواني ڪئي وئي. سامان ۾ سرجيڪل، طبي سامان، خشڪ کاڌا ۽ ٻارن لاءِ گفٽ بيگز کانسواءِ ٻيون شيون شامل آهن. امدادي سامان مصر جي شهر العريش رستي غزا پهچايو ويندو ان سلسلي ۾ نور خان ايئر بيس تي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس  جيلاني، پاڪستان ۾ مقرر فلسطيني سفير احمد ربيع ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران پرڏيهي وزير  غزا جي مصيبت سٽيل آبادي کي انساني امداد جي فوري فراهم يقيني بڻائڻ سان گڏ فوجي جنگبندي  توڙي انصاف ۽ انساني حقن جا بنيادي اصول يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.9 ° C
28.9 °
28.9 °
30%
4.6m/s
0%
سُومر
28 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
29 °
جمعو
27 °

تازه ترين خبرون