- Advertisement -
پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز جي آخري ميچ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پهرين اننگ ۾ 313 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.
محمد رضوان 88، عامر جمال 82 ۽ آغا سلمان 53 رنز ٺاهي نمايان رهيا.
پاڪستان جا ٻئي اوپنر عبدالله شفيق ۽ صائم ايوب ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويا.
شان مسعود 35، بابراعظم 26 رنز ٺاهي پويلين موٽيا. مير حمزا 43 بالن تي 7 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جون 227 رنز تي 9 وڪيٽون ڪرڻ کانپوءِ عامر جمال ۽ مير حمزا وچ ۾ 86 رنز جي پارٽرشپ قائم ڪئي جنهن سبب قومي ٽيم جو اسڪور 313 رنز تائين پهتو.
عامر جمال کي 82 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيڻ تي آسٽريلوي تماشائين پاران اٿي بيهي داد تاڙيون وٺائي داد ڏنو ويو.
آسٽريليا طرفان پيٽ ڪمنز 5، مچل اسٽارڪ 2، هيزل ووڊ، ناٿن ليان ۽ مچل مارش هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
پهرين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تي آسٽريليا بنا ڪنهن نقصان جي 6 رنز ٺاهي ورتيون……….- Advertisement -
