- Advertisement -
سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ سخت ڪوهيڙيَ جو راڄ اڄ به برقرار آهي.
سنڌ ۽ پنجاب جي ميداني علائقن ۾ سخت ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي وئي آهي جنهن ڪري ٽريفڪ جو نظام سخت متاثر ٿي ويو.
عثمان شاهه هڙي ڪوهيڙي سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي، جنهن سبب ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن.
اڏيرو لال ۾ به ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي وئي آهي، جنهن سبب قومي شاهراهه تي ڊرائيورن کي گاڏي هلائڻ ۾ ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن.
موٽروي پوليس ترجمان موجب موٽروي ايم اي 2 اسلام آباد کان بلڪسر تائين بند آهي.
موٽر وي ايم 5 اقبال آباد انٽر چينج کان روهڙي تائين ۽ سوات ايڪسپريس وي ڪاٽلنگ کان چڪدرا ٽول پلازه تائين بند ڪيو ويو آهي.
سخت ڪوهيڙي سبب موٽر وي توڙي هاءِ ويز تي ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ جي روانگي سخت متاثر ٿي آهي.- Advertisement -
