امريڪا، يمن تي هڪ وڌيڪ حملو ڪري حوثين جي ريڊار سائيٽ کي نشانو بڻائڻ جي دعوى

- Advertisement -
امريڪا، يمن تي هڪ وڌيڪ حملو ڪري حوثين جي ريڊار سائيٽ کي نشانو بڻائڻ جي دعوى ڪئي آهي. امريڪي سينٽرل ڪمانڊ جو چوڻ آهي ته يمن ۾ حوثين جي ريڊار سائٽ کي نشانو بڻايو ويو، امريڪي سامونڊي جهاز سان حوثين جي ريڊار سائٽ تي ٽام هاڪ ميزائل فائر ڪيو. امريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب، هوثين جي ريڊار سائيٽ تي حملو خميس ڏهاڙي امريڪا برطانيا حملي جو تسلسل آهي. هوڏانهن يمني حوثي ترجمان ردعمل ۾ امريڪي حملي کي غير موثر قرار ڏيندي چيو ته هو امريڪي ۽ برطانوي جارحيت جو موثر ۽ مضبوط رد عمل ڏيندا. هوڏانهن يمن جي صورتحال تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ چين جي مستقل نمائندي يمن ۾ آمريڪي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته يمن ۾ فوجي آپريشن ذريعي گهربل هدف حاصل نٿا ٿي سگھن. چيني مستقل نمائندي جو چوڻ هو ته بحيره احمر ۾ فوجي ڪارروائيون گڏيل قومن جي قرارداد جي ڀڃڪڙي آهن، طاقت رکندڙ ملڪ بحيره احمر جي گذر گاهن جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪن………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.9 ° C
29.9 °
29.9 °
25%
4.7m/s
22%
اربع
28 °
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون