- Advertisement -
شڪارپور جي عدالت منشيات رکڻ جي ڪيس ۾ هڪ جوابدار کي 9 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
فرسٽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طارق احمد ڀٽي جي عدالت جوابدار بابل بروھي کي چرس رکڻ جو ڏوھه ثابت ٿيڻ تي9 سال قيد ۽ 80 ھزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
عدالت جي فيصلي بعد جوابدار کي سينٽرل جيل سکر منتقل ڪيو ويو.
ٻه سال اڳ رحيم آباد ٿاڻي جي حد چوئي شاخ ويجهو اينٽي نارڪوٽيڪس پوليس جوابدار وٽان 5 ڪلو چرس ھٿ ڪيو ھو.
جوابدار بابل بروھي پٽ نواب بروھي شڪارپور شھر جي ڀٽائي ڪالوني جو رھواسي آھي جنھن مٿان سرڪاري فرياد تي اينٽي نارڪوٽيڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو ھو.- Advertisement -
