- Advertisement -
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجڻ ڪري ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي وئي آهي.
ڪشمور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهٽجي وئي آهي، جنهن ڪري روڊن تي ٽريفڪ گهٽجي وئي آهي.
موري شهر ۽ ڀرپاسي ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، ڪوهيڙي سبب موٽروي پوليس هيوي ٽريفڪ کي مختلف هنڌن تي روڪي ڇڏيو آهي.
پڊعيدن ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿيڻ شرط بجلي ۽ گيس مڪمل طور بند ٿيڻ جي ڪري شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.
ميان صاحب، همايون، جاڳڻ، سلطان ڪوٽ، جهان واهه ۽ ٻين علائقن ۾ ڪوهيڙي سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي، جنهن ڪري ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن
پکو ۾ به ڪوهيڙي سبب نظر جي حد گهجڻ ڪري انڊس هاءِ وي تي ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي وئي آهي.
سرهاڙي ۽ شاهپور ۾ ڪوهيڙي جو راڄ برقرار آهي، نظر جي حد گهٽجڻ سبب ٽريفڪ جي روانگي معطل ٿي وئي آهي.- Advertisement -
