ايران پاران پاڪستاني هوائي حدن جي ڀڃڪڙي، حملي تي پاڪستان جي مذمت ايراني سفارتڪار پرڏيهي آفيس طلب

- Advertisement -
ايران طرفان پاڪستان جي هوائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پاڪستان ايراني ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن ايران طرفان بلوچستان ۾ هوائي حملي تي پاڪستان ايران ۾ سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو جنهن بعد ايراني ناظم الامور کي به پرڏيهي وزارت ۾ طلب ڪري واضح ڪيو ويو آهي ته حملي جي ذميواري پوري طرح سان ايران تي لاڳو ٿيندي. پرڏيهي آفيس جـِي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ايران طرفان پنهنجي هوائي حدن جي چڙڏياريندڙ ڀڃڪڙي جي مذمت ڪن ٿا، حملي ۾ ٻه معصوم ٻارڙا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي خودمختاري جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي، اها ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ته غيرقانوني عمل پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ رابطي جي ڪيترن ئي چئلينجن جي موجود هئڻ باوجود ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان هميشه چيو آهي ته دهشتگردي خطي جي سمورن ملڪن لاءِ گڏيل خطرو آهي، هڪ طرفي ڪارروائي ٻن ملڪن جي اعتماد کي نقصان پهچائي سگھن ٿيون. ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ايران طرفان هڪ طرفي ڪارروائي سٺي پاڙيسري لاڳاپن موجب ناهي ۽ اهو ٻه طرفي اعتماد کي سخت نقصان پهچائي سگهي ٿو جڏهن ته هن هوائي حملي جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا. ايراني عملدار کي به پرڏيهي وزارت طلب ڪيو ويو آهي ته جيئن پاڪستان جي خومختاري تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وڃي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21 ° C
21 °
21 °
60%
5.3m/s
7%
اربع
20 °
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون