- Advertisement -
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پراڻي لاڏلي کي هڪ دفعو ٻيهر لانچ ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ جي باني کي اقتدار ۾ آڻڻ بدترين فيصلو آهي، هڪ لاڏلي مان مس جان ڇٽي ته وري ٻئي جي مدد ٿي رهي آهي، پنجاب جا ڀائر علاج لاءِ سنڌ جي اسپتالن ڏانهن اچي رهيا آهن، علاج لاءِ مسلم ليگ ن جي قيادت ڪيڏانهن ويندي آهي سڀني کي خبر آهي، عام چونڊن ۾ پ پ اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پنجاب ۾ ڪابه هڪ اسپتال ناهي ٺاهي سگهي، علاج لاءِ مسلم ليگ نون جي ليڊرشپ ڪيڏانهن ويندي آهي سڀني کي خبر آهي، جيڪڏهن بخار جي علاج لاءِ به پرڏيهي ويندا آهن ته غريب عوام جو ڪير سوچيندو.
سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ نون رڳو موٽروي ڳڻائيندي آهي ۽ ٻيو ڪو ڪم ناهي ڪيو، ن ليگ، پيپلز پارٽي جي منصوبن جو ڪريڊٽ کڻندي آهي، پ پ ملڪ کي آئين ڏيڻ ۽ ايٽمي طاقت بڻائيندڙ پارٽي آهي.
پ پ اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پراڻي لاڏلي کي هڪ دفعو ٻيهر لانچ ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ جي باني کي اقتدار ۾ آڻڻ بدترين فيصلو آهي، هڪ لاڏلي مان مس جان ڇٽي ته وري ٻئي جي مدد ٿي رهي آهي.
هن چيو ته عام چونڊن ۾ پ پ اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي، هو ڪريل حرڪتن کي هلڻ نه ڏيندا، ٻن لاڏلن ملڪ کي هن صورتحال تي پهچايو آهي.
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ايجنڊا اقتدار ناهي، ملڪي مسئلا حل ڪرڻ آهي، پنجاب جا ڀائر علاج لاءِ سنڌ اچي رهيا آهن، 21 جنوري تي بلاول ڀٽو زرداري ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو ڪندو.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف کان بيٽ جو نشان کسجڻ تي هنن ڪوبه جشن ناهي ڪيو.
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته جهاز ڀري ڀري تحريڪ انصاف جي جهول ۾ اميدوار وڌا ويا، نواز شريف معاهدي کانسواءِ ملڪ کان ٻاهر ويندو آهي نه ايندو آهي- Advertisement -
