- Advertisement -
آءِ جي سنڌ رفعت مختيار اليڪشن ڪميشن کي عام چونڊن دوران مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
چيف اليڪشن ڪمشنر سنڌ شريف الله آءِ جي سنڌ رفعت مختار سان ڪراچي پوليس آفيس ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران عام چونڊن بابت پولنگ جي مجموعي عمل ۽ فراهم ڪيل سڪيورٽي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته سنڌ ۾ قائم ڪيل سمورين پولنگن ۾ سڪيورٽي جا انتظام ڪرڻ ۾ سمورا آفيسر مصروف آهن.
هن ٻڌايو ته عام چونڊن جي سڪيورتي جي تجويز ڪيل منصوبي تي سمورن اسٽيڪ هولڊرن خاص طور قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن سان به پوليس رابطي ۾ آهي.
آءِ جي سنڌ چيو ته اليڪشن جي ضابطن تي تي عمل بابت ضلعي پوليس آفيسرن پنهنجي پنهنجي ترجيحن ۽ حالتن تحت عمل يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري قدم کڻي رهيا آهن.
چيف اليڪشن ڪمشنر سنڌ آءِ جي سنڌ ۽ سنڌ پوليس طرفان اليڪشن سڪيورٽي پلان تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي طرفان هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي- Advertisement -
