- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي جاچ آفيسرن جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪري ڊي ايس پي آرام باغ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ايس ايس پي کان ٻن هفتن اندر رپورٽ طلب ۽ 2015ع کان گم ٿيل سياسي ڪارڪن فهيم عرف انڊا جي ڳولا جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي جسٽس نعمت الله جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران 2 رڪني بينچ جاچ آفيسرن جي ڪارڪردگي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو.
عدالت ڊي ايس پي آرام باغ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي ايس ايس پي کان ٻن هفتن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي.
عدالت 2015ع کان گم ٿيل سياسي ڪارڪن فهيم عرف انڊا جي ڳولا جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جاچ آفيسر چيو ته گم ٿيل ديبا شاهه جي ايس ايڇ او ڪلفٽن رسول بخش سان شادي ٿي وئي آهي.
عدالت نڪاح جي ڪاپي پيش ڪرڻ تي ديبا شاهه جي بازيابيءَ بابت درخواست اڪلائي ڇڏي- Advertisement -
