- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پنجن ججن کيس نه ڪڍيو هجي ها ته ڊالر هڪ سئو رپين جو ۽ ڪو بيروزگار نه هجي ها.
حافظ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نوازشريف چيو ته 2017ع ۾ پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي کيس وزارت عظميٰ تان لاٿو ويو.
هن چيو ته کيس نه ڪڍيو وڃي ها ته هر گهر خوشحال، آبادگار خوش، بجلي ۽ گيس جا بل مهانگا نه ٿيڻ ها.
نوازشريف چيو ته پنجن ججن کيس نه ڪڍيو هجي ها ته ڊالر هڪ سئو رپين جو ۽ ڪو بيروزگار نه هجي ها.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته کيس بار بار گرفتار ڪري جعلي ڪيسن ۾ نه ڦاسايو وڃي ها ته ملڪ جو مقام اونچو هجي ها، سندس مشن پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ آهي جيڪو پورو ڪيو ويندو.
ان موقعي تي مريم نواز خطاب ڪندي چيو ته 28 مئي وارا ملڪ کي سنواريندڙ ۽ 9 مئي وارا ملڪ تي حملو ڪندڙ آهن.
هن چيو ته جيڪو حملا ڪرڻ جي تربيت ڏي هو همدرد نٿو ٿي سگهي، ان شخص جي ڪري نوجوان جيلن ۾ سڙي رهيا آهن، جيڪي ماڻهو 9 مئي واقعن سبب جيلن ۾ بند آهن انهن کي ڪنهن پڇو آهي؟
مريم نواز چيو ته نوازشريف عوام جو همدرد آهي، هن نوجوانن جي هٿن ۾ ليپ ٽاپ ڏنا، هر گهر ۾ بجلي ۽ گيس هوندي، اگهه به گهٽ ٿيندا……- Advertisement -
