- Advertisement -
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته فلسطين ۾ انسانيت جي صورتحال خوفناڪ آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل پاران ٻه رياستي حل کي بار بار رد ڪرڻ ناقابل قبول آهي.
هن چيو ته غزه جي سموري آبادي تاريخ ۾ تمام وڏي تباهي برداشت ڪئي آهي، فلسطيني عوام جي اجتماعي سزا جو ڪو به جواز پيش نٿو ڪري سگهجي.
انتونيو گوتريس چيو ته فلسطين ۾ انساني صورتحال خراب آهي ۽ غزه ۾ وبائي مرضن جو خدشو آهي.
واضح رهي ته اسرائيل فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس کي 2 مهينن جي جنگ بندي جي تجويز ڏني آهي، اسرائيل غزه ۾ سمورن يرغمالين جي آزادي لاءِ 2 مهينن جي جنگ بندي تي اتفاق ڪيو آهي.- Advertisement -
