- Advertisement -
پ پ جي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته عوام 8 فيبروري تي اشرافيه جي نمائنده پارٽي جي چونڊ نه ڪري پر عوام جي نمائنده پارٽي پ پ جي چونڊ ڪري، نوجوان سياستدان بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري سينيئر سياستدانن کي پٺتي ڇڏي ڏنو آهي، بلاول ۽ آصفه ڀرپور انداز ۾ چونڊ مهم هلائي رهيا آهن، بلاول نوجوانن کان روزگار کسڻ نه يوٿ ڪارڊ ڏئي روزگار ڏيڻ چاهي ٿو، عوام پنهنجي ۽ ملڪ جي قسمت بدلائڻ چاهي ٿو ته پ پ جي نوجوان قيادت جي چونڊ ڪري.
جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته نوجوان سياستدان بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري سينيئر سياستدانن کي پٺتي ڇڏي ڏنو آهي.
سندس چوڻ هو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصفه ڀٽو زرداري ڀرپور انداز ۾ چونڊ مهم هلائي رهيا آهن، هي پنهنجي معاشي ايجنڊا ڏئي ڪري ثابت ڪري رهيا آهن ته پيپلز پارٽي جي ڇو چونڊ ڪرڻ گهرجي.
پيپلزپارٽي جي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان چيو ته پيپلز پارٽي جيڪڏهن عوام کي 30 لک گهر ڏيڻ جو واعدو ڪري رهي آهي ته اهو رڳو چونڊ نعرو ناهي پر هڪ حقيقي منصوبو آهي.
هن چيو ته سنڌ ۾ بلاول ڀٽو زرداري سنڌ پيپلز هائوسنگ منصوبي ذريعي هزارين ماڻهن کي گهر ۽ ان جا مالڪاڻه حق به ڏنا ويا آهن.
پ پ جي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان چيو ته بلاول ڀٽو زرداري اشرافيه کي نه مظلوم عوام، هارين ۽ مزدورن کي رليف ۽ سبسڊي ڏيڻ جو ارادو رکي ٿو، هو اشرافيه نه پر عوام جي حڪومت ٺاهڻ چاهي ٿو.
سندس چوڻ هو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن کان روزگار کسڻ نه يوٿ ڪارڊ ڏئي روزگار ڏيڻ جا موقعا ڏيڻ چاهي ٿو.
پيپلز پارٽي جي نائب صدر ۽ سينيٽر شيري رحمان چيو ته عوام 8 فيبروري تي اشرافيه جي نمائنده پارٽي جي چونڊ نه ڪري پر عوام جي نمائنده پارٽي پ پ جي چونڊ ڪري جيڪڏهن عوام پنهنجي ۽ ملڪ جي قسمت بدلائڻ چاهي ٿو ته پيپلز پارٽي جي نوجوان قيادت جي چونڊ ڪري.- Advertisement -
