- Advertisement -
ڪراچي مختلف علائقن ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي اسپيشل ٽاسڪ فورس مختلف دڪانن تي ڪارروائي ڪري صفائي جي ناقص صورتحال تي 5 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪري ڇڏيو.
ڊائريڪٽر آپريشن رفيق ميمڻ جي سربراهي ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم پاران منظور آباد ۽ محمود آباد ڪالوني واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي.
ڪارروائي دوران بيڪري، پڪوان ۽برگر جي دڪان تي صفائي جي ناقص صورتحال تي مالڪن مٿان ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.
سنڌ فوڊ اٿارٽي جي، ڊي جي آغا فخر حسين جو چوڻ هو ته ڪيترائي شڪايت ملڻ بعد ڪارروائي ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ فوڊ اٿارٽي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.- Advertisement -
