- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا فوت ۽ 24 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.
قاضي احمد ويجهو شهيد بينظير يونيورسٽي جي پوائنٽ بس ۽ وين ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
لنڪ روڊ تي نوابشاهه کان قاضي احمد ويندڙ پوائنٽ بس ۽ وين وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي ۾ عورت قرت العين فاطمه ۽ دادن عمراڻي سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
زخمين ۾ پرديسي اوڏ، ساجن ملاح، محمد هارس، رياض راشد، عبدالرشيد ۽ ٻيا شامل آهن.
ٺيڙهي ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ عورت فوت ۽ 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
قومي شاهراهه تي تيز رفتاري سبب ڪراچي کان ملتان ويندڙ ڪوچ ڪلٽي ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ فرزانه ڪورائي ٿڏي تي ئي فوت ٿي وئي جڏهن ته منير ڀٽي، ممتاز، طاهر ۽ راحب سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا
اطلاع ملڻ بعد پوليس فوتي عورت جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال خيرپور پهچايو.
پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
ٻي پاسي ميرپور ماٿيلي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ حادثي ۾ زخمي ٿيل حيات پتافي واسي نوجوان زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.
زخمي نوجوان محمد تيگاڻي مشوري سکر جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.- Advertisement -
