- Advertisement -
سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته عوام ۾ ڪاوڙ ضرور آهي ۽ شڪايتون ڪرڻ سندن حق به آهي پر هو ان کان گهٻرائڻ وارا نه آهن .
حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد مراد علي شاهه چيو ته چونڊ مهم ۾ کين ڀرپور موٽ ملي رهي آهي.
هن چيو ته سنڌ ۾ ن ليگ جا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اميدوار آهن، هيءَ سندس پنجين اليڪشن آهي، هميشه مختلف اميدوار ۽ مختلف چونڊ نشان ٽي آيا پر هر ڀيري عوام کيس ڪامياب ڪيو آهي .
سندس چوڻ هو ته عوام ۾ ڪاوڙ ضرور آهي ۽ شڪايتون ڪرڻ سندن حق به آهي پر هو ان کان گهٻرائڻ وارا نه آهن، هن ڀيري به سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندا- Advertisement -
